ڊيرا بگٽي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، پنج دهشتگرد مارجي ويا، اڻٽيهه گرفتار

news

 ڊيرا بگٽي: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: سيڪيورٽي فورسز ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق سيڪيورٽي فورسز ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو جي سرحدي علائقي بمبور ۾ ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 29 شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي مشهور اشتهاري ڏوهاري بوجلا بگٽي پنهنجي 20 ساٿين سميت سيڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.