شهدادپور جي ميڊيڪل اسپتال ۾ ڪچن ملازمن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ جو فيصلو

news

شهدادپور: ڇنڇر 21 اپريل 2018:شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال شھدادپور ۾ 4 سالن کان پنھنجا نوازي ڪندي قاعدن، قانون ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري سفارش تي بنا اھليت جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 190  ملازمن کي بورڊ آف گورنرس جي جوڙيل ڪاميٽي پاران کين پڪو ڪرڻ لاءِ نئين سر انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

آھي اھڙي تصديق ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس بعد ڊائريڪٽر سمس اسپتال شھدادپور ڊاڪٽر بچل ڳرواڻ ڪندي چيو ته ڪاميٽي چيئرمين ڊاڪٽر اعظم يوسفاڻي سمس اسپتال جي سمورن ڪانٽريڪٽي ملازمن جي اھليت ۽ انٽرويو 3 مئي تي ڪندو، جنھن ۾ سمورا ڪنٽريڪٽي ملازم اصل ڪاغذ گڏ آڻين، جيڪو انٽرويو ۾ پاس ٿيندو، ان کي پڪو ڪرڻ جو آرڊر ڏئي پڪو ڪيو ويندو. سمس اسپتال ۾ ڪانٽريڪٽي ملازمن جا  ٻيھر انٽرويو وٺڻ تي ھلچل مچي وئي.01