ن ليگ اليڪشن ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي: شاهد خاقان عباسي

news

 لنڊن: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري کي اڳتي وڌائيندي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪو به شخص اهڙو نه هوندو جيڪو ووٽ جي حرمت جي مخالفت ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جيڪو دولت مشترڪه سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ لنڊن آيل آهي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) چونڊ وڙهندي به ۽ ڪامياب به ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو آئون ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لنڊن کان واپسي بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته نواز شريف پاڪستان مان آيو آهي ۽ واپس به ويندو.

هڪ سوال تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته بجيٽ جي تياري ناڻي، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي ذميواري آهي، جيڪو پنهنجو ذميواري ادا ڪري رهيو آهي.