آمريڪي صدارتي چونڊ: ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ روس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

news

 واشنگٽن: آچر 22 اپريل 2018ع: آمريڪي سياسي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا روسي سهڪار سان اثر انداز ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي نيويارڪ جي شهر جي هڪ وفاقي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ روسي حڪومت جي سهڪار سان غير ضروري ذريعا استعمال ڪندي چونڊ عمل تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دعويٰ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ مهم دوران روسي سهڪار ۽ مدد کي کليل دل سان قبول ڪيو ويو هو.

ڪيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪمپيوٽر کي هيڪ به ڪيو ويو. جن ٻين ماڻهن کي ڌر بڻايو ويو آهي، انهن ۾ وڪي ليڪس، ٽرمپ جي پٽ، صلاحڪار راجراسٽون ۽ ان جو ناٺي به شامل آهي.