پي آءِ سي ۾ ڪرپشن: ڊي جي نيب عدالت طلب، افضال ڀٽي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

news

 لاهور: آچر 22 اپريل 2018ع: سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ڪرپشن بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد کي معاملي جي جاچ لاءِ عدالت طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اوورسيز پاڪستانيز ڪمشنر پنجاب ۽ پي آءِ سي بورڊ جي ميمبر افضال ڀٽي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي.

نجي ٽي وي مطابق جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي مشتمل بئنچ پي آءِ سي ۾ ڪرپشن بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي خواجا احمد حسان ۽ پي آءِ سي سربراهه نديم حيات ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهو کي ڪيئن اوورسيز ڪميشن ۽ پي آءِ سي ۾ مقرر ڪيو ويو. چيف جسٽس افضال ڀٽي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي پگهار گهڻي آهي؟ جنهن تي افضال ڀٽي چيو ته منهنجي پگهار ساڍا 5 لک رپيا آهي.

چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري هڪ لک 80 هزار ماهوار کڻي رهيو آهي، توکي ڪهڙا سرخاب جا پر لڳا آهن، ٻاهرين سفارش تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته خواجا صاحب توهان جي هوندي هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ دل چوي ٿي ته وزيراعليٰ کي سڏائي سڄي ڪارروائي ڏيکاريان، معاملي جي تهه تائين وينداسين، ان لاءِ معاملي کي نيب ڏانهن اماڻيو پيو وڃي.

جسٽس چيو ته خواجا سلمان صحت کاتي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي نوٽ ڪندا وڃو، اهو ئي توهان خلاف چارج شيٽ بڻجندي، عدالت 28 اپريل تي سمورن لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو.