مزاحيه اداڪار معين اختر کي وڇڙئي ست سال گذري ويا

news

 لاهور: آچر 22 اپريل 2018ع: مزاح واري دنيا جي بي تاج بادشاهه معين اختر کي مداحن کان وڇڙئي 7 سال گذري ويا آهن. هن مزاحيه، ٽريجڊي ۽ پيروڊي جهڙي مشڪل ڪردار نگاري ۾ اهڙا رنگ ڀريا جنهن کي ناظرين اڄ به وڏي چاهه سان ڏسن ٿا.

معين اختر جو فني سفر 4 ڏهاڪن تي مشتمل آهي، هن عظيم اداڪار کانسواءِ مزاح جي تاريخ کي اڌورو سمجهيو وڃي ٿو. هن اداڪاري، گلوڪاري، ميزبان توڙي هدايتڪاري ۾ پنهنجيون صلاحيتون ڏيکاريون. سندس ڊرامي روزي کي اهم مقام حاصل رهيو.

هو 22 اپريل 2011ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب مداحن کان وڇڙي ويو.