ثقلين مشتاق به سريلنڪن اسپن بولنگ ڪوچ ٿيڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

news

 ڪولمبو: آچر 22 اپريل 2018ع: ثقلين مشتاق به سريلنڪن اسپن بولنگ ڪوچ بڻجڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق اسپن بولنگ ڪوچ لاءِ  مجموعي طور تي 8 اميدوار سامهون آيا آهن، جنهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو ليگ اسپنر مشتاق احمد به شامل آهي.

نئين اسپن بولنگ ڪوچ جي مقرري هيڊڪوچ چنديڪا هٿورا سنگهي جي آسٽريليا واپسي تي ڪئي ويندي. ٻين اميدوارن ۾ ڊينيئل ويٽوري، روان ڪلپاگي، مرلي ڌرن، نروشن بنڊارا تلڪي، اجيت ايڪانائيڪي ۽ سنيل جوشي شامل آهن.