ڪيريبيئن آل رائونڊر ڊوين براوو بالي ووڊ حسينا کي دل ڏئي ويٺو

news

لاهور: آچر 22 اپريل 2018ع: ڪجهه عرصو اڳ براوو کي ريجيما رام جيت سان گڏ ڏٺو ويندو هو جڏهن ته ٻنهي ۾ مختلف سببن جي ڪري عليحدگي ٿي وئي.

جنهن کانپوءِ براوو صرف ڪرڪيٽ تي پنهنجي توجهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پر هڪ ڀيرو ٻيهر براوو جي دل هڪ ٻئي بالي ووڊ حسينا تي اچي وئي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺا آهن.

ويسٽ انڊيز جو اسٽار آل رائونڊر ڊوين براوو هن وقت انڊين پريميئر ليگ ۾ چنائي سپر ڪنگز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پنهنجي راند کان وڌيڪ هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي نجي زندگي سبب ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻيل آهي. 

ڀارتي ميڊيا۾ سامهون ايندڙ خبرن موجب ڪيريبيئن آل رائونڊر بالي ووڊ حسينا نتاشا سُري سان ملاقات ڪئي جيڪا ڪافي دير تائين جاري رهي جڏهن ته ان حوالي سان ٻنهي شخصيتن ميڊيا جي سامهون خاموشي اختيار ڪئي آهي ۽ اڃان تائين ڪنهن جي طرفان به ان باري ۾ وضاحت سامهون ناهي آئي.

ڀارتي ميڊيا جو اهو به چوڻ آهي ته نتاشا کي ڪرڪيٽ سان به چڱو لڳاءُ آهي ۽ هوءَ اڪثر انهن ميچن کي ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم جو رخ ڪندي آهي جن ۾ براوو شرڪت ڪندو آهي.