قبائلين جا مسئلا هتي ئي رهي حل ڪرڻا آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

news

ميرانشاهه: آچر 22 اپريل 2018ع: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته قبائلين جا مسئلا اتي ئي رهي حل ڪرڻا آهن ۽ ملڪ دشمنن جي نظر ٿيڻ نه ڏيڻو آهي.

اها ڳالهه هن ميرانشاهه ۾ واپارين جي جرڳي سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران چئي.

هن جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي هدايت تي واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ جرڳو منعقد ٿيو.

ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڪوبه مسئلو اهڙو ناهي جيڪو ڳالهين سان حل ٿي سگهي، قبائلين فورسز سان گڏجي امن قائم ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.

هن چيو ته آپريشنز سان دهشتگردي ختم ٿي، هاڻ پهريان کان بهتر ماحول ملندو، عوامي مسئلن جو حل رياست جي پهرئين ترجيح آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته امن کي ملڪ دشمنن جي هٿان خراب نه ٿيڻ ڏينداسين. جرڳو ختم ٿيڻ تي قبائلي اڳواڻن پاڪ فوج ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا.

جرڳي ۾ ميرانشاهه جي دڪاندارن جي نقصان جي زر تلافي مقرر ڪرڻ لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ اتر وزيرستان جي نگراني ۾ دڪاندارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

دڪاندارن به ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ پاڪ فوج جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڪميٽي ۾ متاثر دڪاندار به شامل هوندا.