ليبيا ۾ ٻن هٿياربند گروپن وچ ۾ ٽڪراءُ دوران چوڏنهن هوائي جهاز تباهه

news

طرابلس: آچر 22 اپريل 2018ع: ليبيا ۾ ٻن هٿياربند گروپن وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءُ ۾ 14 هوائي جهاز تباهه ٿي ويا جن جي ماليت 2 ارب ڊالر ٻڌائي پئي وڃي.

ليبيا جي گادي واري هنڌ طرابلس ۾ ٻن هٿياربند گروپن وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءُ دوران هوائي اڏي تي گولي باري سبب 14 سول هوائي جهاز تباهه ٿي ويا.

ليبيا جي سرڪاري هوائي ڪمپني طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ جهازن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي هوائي اڏي ويجهو ٻن هٿياربند گروپن وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو.

ان دوران سخت فائرنگ ۽ گولي ۽ راڪيٽ هنيا ويا جنهن سبب هوائي اڏي تي بيٺل درجن کان وڌيڪ هوائي جهازن ۾ باهه ڀڙڪي اٿي ۽ 12 جهاز مڪمل طور تي تباهه جڏهن ته ٻين کي جزوي نقصان پهتو جنهن سبب ملڪي هوائي ڪمپني کي 2 ارب ڊالرن جو غير معمولي نقصان ٿيو.