سعودي فورسز حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

news

 رياض: سومر 23 اپريل 2018ع:  سعودي فورسز حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. خابرو اداري مطابق هڪ هفتي دوران حوثي باغين پاران سعودي عرب تي هي ٻيو حملو ڪيو ويو، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

يمن جي حوثي باغين پاران سعودي عرب جي سرحدي شهر نجران تي ميزائل اڇلايو ويو، بيلسٽڪ ميزائل کي ڪنهن هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي ناڪارا بڻايو ويو، جڏهن ته بيلسٽڪ ميزائل يمن جي حوثي باغين جي قبضي هيٺ علائقي صعده مان فائر ڪيو ويو هو.

حوثي باغين جو ميزائل سعودي عرب جي وارياسي علائقي ۾ ڪريو، جڏهن ته جمعي تي پڻ سعودي فورسز حوثي باغين جي ميزائل حملي کي ناڪام بڻايو هو.

سعودي عملدارن مطابق حوثي باغين پاران نجران طرف اڇلايل ميزائل کي فضا ۾ ئي ناڪارا بڻايو ويو.