پارليامينٽ حملو ڪيس: پرويز خٽڪ عدالت ۾ پيش

news

 اسلام آباد: سومر 23 اپريل 2018ع:  دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ پرويز خٽڪ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پهتو، جتي هو جج جوثر عباسي جي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت پرويز خٽڪ جي اڄ ڏينهن تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪري رکي هئي، جنهن جي منظوري ڏني وئي آهي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته ڪجهه ميمبرن جي وڪجڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو، پر اسان پنهنجي اسيمبلي ميمبرن خلاف ايڪشن ورتو، ٻين پارٽين ۾ همت آهي ته اهي به ايڪشن وٺي ڏيکارين.