نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري سياست نه پيا ڪريون: خورشيد شاهه

news

 اسلام آباد: سومر 23 اپريل 2018ع:  مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته پهريون ئي چيو هو ته نواز شريف واپس ايندو، نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري سياست نه پيا ڪريون.

صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هر وقت اهو پيغام ڏيان ٿو ته ٽڪراءَ جا نتيجا خطرناڪ آهن، ٽڪراءَ نظام ۾ مسئلا پيدا ڪندو آهي، ايئن نه ٿئي جو ادارن جي ٽڪراءَ ۾ نظام تباهه ٿي وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ بجيٽ پيش ٿيندي، ڪي پي ڪي جيڪڏهن بجيٽ پيش نه ڪندي هو جولاءِ جا خرچ ڪري نه سگهندا.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي چيو آهي ته مينڊيٽ 4 مهينن جو آهي، حڪومت تي دٻاءُ وجهنداسين ته 4 مهينن جي مينڊيٽ کان اڳتي نه وڌي، حڪومت رڳو روز واري خرچ جي بجيٽ پيش ڪري، ايندڙ حڪومت آگسٽ مهيني جي بجيٽ ڏيندي.

سياستدانن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ واري سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو وارو واقعو پيش آيو، بنياد اهو ئي هو ته پرويز مشرف سيڪيورٽي ختم ڪرائي، اسفند يار ولي ۽ فضل الرحمان تي حملا ٿيا، اسان کي به خطرا آهن، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو.؟