طيبا تشدد ڪيس: اڳوڻي جج ۽ سندس گهر واري جي سزا معطل

news

 اسلام آباد: سومر 23 اپريل 2018ع:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهريلو ملازمه طيبا تي تشدد واري ڪيس ۾ سزا کاڌل اڳوڻي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج راجا خرم علي خان ۽ ان جي گهر واري ماهين ظفر جي سزا وارو فيصلو معطل ڪندي اپيل تي ٻڌڻي مئي جي ٻئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 17 اپريل تي طيبا تشدد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي جج ۽ سندس گهر واري کي هڪ سال قيد ۽ 50-50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.  اهڙي فيصلي کي اڳوڻي جج ۽ سندس گهر واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي مشتمل ٻه رڪني ڊويزن بئنچ اپيل واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي کانپوءِ سزا وارو فيصلو معطل ڪندي عدالت ٻڌڻي مئي جي ٻئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.