مشهور فنڪار انور مقصود تڪراري وڊيو تي معافي گهري ورتي

news

ڪراچي: سومر 23 اپريل 2018ع: مشهور فنڪار انور مقصود هڪ سنڌي جي حوالي سان تڪراري مزاحيه وڊيو ٺاهڻ تي معافي گهري ورتي. انور مقصود سوشل ميڊيا تي انوار نامه جي نالي سان سيريز پروگرام ڪندو آهي.

مشهور فنڪار سيريز ۾ هڪ سنڌي جو انٽرويو جي نالي سان مزاحيه پروگرام ڪيو.

ان پروگرام تي سوشل ميڊيا تي طوفان برپا ٿي ويو ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن انور جي سخت مذمت ڪئي.

انور مقصود ان پروگرام تي معافي گهرندي پنهنجي سوشل ميڊيا ڪائونٽ تان به ان وڊيو کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ذڪر ڪيل وڊيو ٻين سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي موجود آهي.

انور مقصود وضاحتي بيان تي ٻڌل نئين وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڪافي پريشان نظر آيو.