بااثرن گهر تي قبضو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، انصاف ڪيو وڃي: حيدرآباد واسي

news

حيدرآباد: سومر 23 اپريل 2018:حيدرآباد جي اسلاميه ڪالوني جي رهواسي مزمل قريشي پنهنجي ڀائرن مصور، نويد ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته اسلاميه ڪالوني جي رهواسي محمد حنيف قريشي، ان جي پٽ گلفام، اڪرام، زبير، بلال، علي ۽ علائقي جي بااثر ماڻهو نعمان پٺاڻ سان گڏجي سندن مٿان ٻه ڀيرا ڇرين سان حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته جوابدارن سندن گهر تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو هن وقت لطيف آباد نمبر 12 ۾ مسواڙ جي گهر ۾ ويٺل آهن، هن چيو اهڙي شڪايت حد جي پوليس ۽ انتظاميا کي ڪئي آهي پر ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته جوابدار ڌر هن وقت به کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، جنهن مان کين جان جو خطرو آهي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قبضي خورن کي گرفتار ڪري گهر تان قبضو ختم ڪرائي سندن حوالي ڪيو وڃي.01