شيشي جهڙي ڏيڏر جي تصوير جاري

news

حيدرآباد: سومر 23 اپريل 2018ع: آمريڪي وائلڊ لائف فوٽو گرافي جيمي ڪيوبلراز هڪ اهڙي ڏيڏر جي تصوير جاري ڪئي آهي جنهن جو پيٽ شيشي جيان آهي ۽ ان جي آر پار ڏسڻ ممڪن آهي.

جيمي اها تصوير ايڪواڊور جي جهنگن ۾ ٺاهي آهي، ان تصوير ۾ گلاس فراگ جي نه صرف اندروني جسماني عضون کي ڏسي سگهجي ٿو پر جسم جي اندر آنن جي واڌ ويجهه به ڏسي سگهجي ٿي.

ماهرن موجب اهڙا ڏيڏر انهن علائقن جي جهنگن ۾ ملن ٿا جتي برساتون تمام گهڻي ٿيندي آهي.