قاضي احمد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران نادرا چيئرمين خلاف ڌرڻو

news

قاضي احمد: سومر 23 اپريل 2018:قاضي احمد سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران تعلقي قاضي احمد آفيس آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ مختلف قومپرست پارٽين سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ايم بي ڏاهري امام بخش ڏاهري سائل لاکو، اصغر شاھ، فضل گھلو، بادشاھ بوزدار فقير، ساجن ڪنڀر، غلام مصطفيٰ گھلو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي بين الاقوامي يتيم خانو سمجهندڙ ٻڌي ڇڏين اسان اهڙين شازشن خلاف هر محاذ تي ويڙھ ڪنداسين.

سنڌ دشمنن کي قبول نه ڪنداسين. هنن چيو ته نااهل نادرا چيئرمين کي فوري طور هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

هنن چتاءُ ڏنو ته فوري طور تي ڌارين کي جاري ڪيل شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

ان موقعي تي هارون خاصخيلي، يعقوب جوکيو، نظر محمد جوکيو، محمد صديق ڌاريجو، نور مگسي، شفيق لاکو، علي حسن گھلو ۽ بابو ڀٽي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01