ايگريڪلچر سپلاءِ اينڊ پرائز کاتو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، ڪروڙين روپين جي رقم وصول نه ٿي سگهي

news

حيدرآباد: سومر 23 اپريل 2018ع: ايگريڪلچر سپلاءِ اينڊ پرائز کاتي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام شوگر ملز کان ٽيڪس جي وصولين ۾ دير باوجود 8 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ڏنڊ جي رقم وصول نه ٿي سگهي، سياسي اثر رسوخ سبب 2 سال گذرڻ باوجود لاڳاپيل کاتي جي اختيارين ڏنڊ جي رقم حاصل بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ اڃان تائين فائل سيڪريٽري جي ٽيبل تي پيل آهي.

آن لائن انڊس سان رابطو ڪرڻ تي شوگر ڪين ڪمشنر سنڌ آغا ظهير الدين چيو ته ٽيڪس جي وصولي ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڏنڊ جي رقم جو معاملو سيڪريٽري کي موڪليو ويو آهي اتان کان واضح هدايت ملڻ کانپوءِ عملي قدم کنيا ويندا.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ٻين شعبن جيان ايگريڪلچر سپلاءِ اينٽرپرائز کاتي ۾ به بي ضابطگين ۽ خرد برد کانپوءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولي ۽ ڏنڊ جي رقم جي ادائيگي نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

آن لائن انڊس کي ملندڙ دستاويزن موجب ڪين ڪمشنر سنڌ طرفان 16-2015 ۾ تقريبن 19 شوگر ملن کان ٽيڪس جي ادائيگي ۾ دير سبب 8 ڪروڙ 75 لک 3 هزار 628 روپيا ڏنڊ جي رقم اڃان تائين وصول نه ڪئي وئي.

دستاويزن موجب شهيد بينظير آباد ضلعي جي النور گور مل، انصاري شوگر مل ماتلي، ڀاواني شوگر مل تلهار، باندي شوگر مل، چمبڙ کوسڪي فاران، حبيب، لاڙ، مهراڻ، ميرپور خاص، نئون ديرو، نيو دادو، شاهه مراد، سنڌ آبادگار، ٽنڊوالهيار، ڪرن، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر شُگر ملز شامل آهن.

آن لائن انڊس جي رابطي ڪرڻ تي ڪين ڪمشنر سنڌ آغا ظهير الدين چيو ته ذڪر ڪيل ملز مان ٽيڪس جي وصولي ڪئي وئي آهي پر ان جي ادائيگي ۾ دير سبب ڏنڊ جي رقم جي وصولي جو معاملو سيڪريٽري وٽ آهي اتان کان واضح هدايت ملڻ کانپوءِ قدم کنيا ويندا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته قانونن موجب سيڪريٽري مجاز آهي ته ڏنڊ جي رقم معافي ڪري يا وصولي جا حڪم جاري ڪري.