پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۽ آئرلينڊ دوري لاءِ لنڊن پهچي وئي

news

لنڊن: سومر 23 اپريل 2018ع: پاڪستان ڪرڪيٽ تيم انگلينڊ ۽ آئرلينڊ دوري لاءِ لنڊن پهچي وئي آهي. قومي ٽيم آچر ۽ سومر جي وچ واري رات لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان رواني ٿي هئي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ٽيم جي لنڊن پهچڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

لنڊن پهچندڙ رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، اظهر علي، امام الحق، سميع  اسلم، حارث سهيل، بابر اعظم، فخرالزمان، سعد علي، اسد شفيق، اسامه صلاح الدين، شاداب خان، حسن علي، راحت علي ۽ فهيم اشرف شامل آهن.

فاسٽ بالر محمد عباس پهريان ئي انگلينڊ ۾ موجود آهي جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عامر کي اڃان تائين انگلينڊ جي ويزا ناهي ملي سگهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته محمد عامر اربع تائين لنڊن روانو ٿي ٽيم کي جوائن ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر جي گهرواري برطانيه ڄائي آهي ۽ محمد عامر برطانيه جي شهريت جي درخواست به ڏئي  رکي آهي، ان لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن پاڪستان ٽيم کي ويزا جاري ڪري ڇڏي، پر عامر کي ويزا جاري نه ٿي سگهي.

پي سي بي پراميد آهي ته محمد عامر کي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ويزا ملي ويندي، جنهن کانپوءِ هو سفر ڪري  سگهندو.