نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي نادرا چيئرمين خلاف ڌرڻو

news

نوابشاھ:سومر 23 اپريل 2018: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، جسقم اڳواڻ سر فر ازميمڻ، ايس يو پي اڳواڻ گل  حسن رند، ايس ٽي پي جنرل سيڪريٽري رفيق ملاح، بڍل مگسي، رستم شاھ، شاهنواز ڪيريو ۽ زاهد وسطڙو جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي نثار ڪيريو سرفراز ميمڻ، گل حسن رند ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته نادرا چيئرمين سنڌ جي ماڻهن خلاف سازش ڪري رهيو آهي. انهي سازش کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت پ پ پ جي آهي ۽ اسيمبلي ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ خلاف مضبوط ٺهراءَ پاس ڪري انهي عمل کي روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.01