شهيد بينظيرآباد تعليم کاتي پاران اسڪولن ۾ داخلا مهم جي حوالي سان جاڳرتا ريلي

news

نوابشاهه: سومر 23 اپريل 2018:سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري اقبال احمد دراني جي هدايتن تي شهيد بينظيرآباد تعليم کاتي پاران مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن عبدالقادر سولنگي، اعجاز علي چانڊيو، مسلم هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر سيد حيدر شاهه لڪياري جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ايڇ ايم خواجا ون هاءِ اسڪول کان ڪڍي وئي، جيڪا شهر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پهتي.

جتي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال صرف ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي، جڏهن گهٽين ۽ روڊن تي گهمندڙ ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرايا وڃن.

هنن چيو ته والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن کي علم جي زيور سان آراستا ڪرڻ لاءِ انهن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ته جيئن انهن جو مستقبل روشن ٿي سگهي.01