سائو مرچ موڊ خوشگوار رکڻ ۾ مددگار

news

حيدرآباد: سومر 23 اپريل 2018ع: هونئن ته ساوا مرچ ڏسڻ ۾ تمام سٺا ۽ خوبصورت نظر ايندا آهن پر کائڻ سان خبر پوندي آهي ته ان جو ذائقو ڪيترو تيز آهي.

پر هڪ ڳالهه آحي ته جيڪڏهن ان جو استعمال کاڌي ۾ نه ڪيو وڃي ته اسان جا کاڌا مزيدار نه ٿين.

ساوا مرچ هر قسم جي کاڌن ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا، دل، حليم، ڀاڄي ۽ گوشت ۾ به. ساوا مرچ پسنديدا ڀاڄي آهي، ان ڀاڄي ۾ وٽامن سي جي ڪافي مقدار ملندي آهي.

وٽامن سي اسان جي چمڙي لاءِ تمام فائديمند آهي ان سان اسان جي چمڙي تازي رهندي آهي، جنهن جي چمڙي کي ڪنهن سبب نقصان پهچي چڪو آهي ته هو پنهنجي خوراڪ ۾ وٽامن سي جي وڌيڪ مقدار وارا ميوا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪن جيئن اهي ئي ساوا مرچ.

سائي مرچ ۾ وٽامن اي به ملندي آهي جيڪا نظر لاءِ بهترين ٽانڪ آهي، ڪمزور نظر وارا ماڻهو وٽامن اي جي وڌيڪ مقدار واريون ڀاڄيون ۽ ميوا استعمال ڪن.

سائي مرچ ۾ بي 6، ٽامو، پوٽاشيم، فولاد، ڪاربو هائيڊريٽس ۽ پروٽين به ملندا آهن، سائي مرچ  ملندڙ سمورا جزا سان جي صحت جي ضمانت آهن.

اهي مرچ جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائيندا آهن، سلاد ۾ اهو هاضمي واري نظام کي بهتر بڻائيندو آهي.