برطانوي شهزادي ڪيٽ مڊلٽن وٽ پٽ جي پيدائش

news

لنڊن: سومر 23 اپريل 2018ع: ڪنگسٽن پيلس شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن وٽ پٽ جي ولادت جو اعلان ڪيو آهي.

ڪنگسٽن پيلس موجب اهو ڊيوڪ آف ڪيمبرج شهزادي وليم ۽ ان جي گهرواري ڊچز آف ڪيمبرج شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي ٽئين اولاد آهي.

ڪنگسٽن پيلس ٻڌايو ته ڪيٽ مڊلٽن کي اڄ صبح اسپتال ۾داخل ڪيو ويو هو جتي ماءُ ۽ ٻار ٻئي خيريت سان آهن جڏهن ته ٻار جو وزن 8 پائونٽ ۽ 7 اونس آهي.

شهزادي ڪيٽ مڊلٽن 2 ٻارن جي ماءُ آهي جن ۾ 4 ورهين جو پٽ جارج ۽ 2 ورهين جي ڌيءَ بيٽي شامل آهن.