يوسي سانوڻ خان گوپانگ ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن: بدر احمد ميمڻ

news

ٽنڊوڄام: سومر 23 اپريل 2018:يوسي سانوڻ خان گوپانگ جي بهراڻي برادري پاران ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين بدر احمد ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

آجياڻي ۾ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين بلال لغاري يوسي سانوڻ خان گوپانگ جي چيئرمين بشير احمد گوپانگ ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. آجياڻي کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين بدر احمد ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جنهن هر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي.

هن چيو ته يوسي سانوڻ خان گوپانگ سميت ضلعي ڪائونسل جي سڀني يوسين  ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن. هن چيو ته يوسي سانوڻ خان گوپانگ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو گيس ۽ تيل جو پلانٽ آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ او جي ڊي سي ايل انتظاميا سان ڳالهيون جاري آهن، جلد مقامي ماڻهن کي او جي ڊي سي ايل ۾ روزگار ڏياريو ويندو.

آجياڻي کي ضلعي وائيس چيئرمين بلال لغاري، بشير احمد گوپانگ، حاجي علي نواز ڏاهري، عنايت شاهه، ظهير بهراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته آجياڻي ۾ يوسي وائيس چيئرمين سلطان لاکو، تاج محمد جمالي، علي رضا لاشاري، جلال خان بهراڻي، جادو خان سميت بهراڻي برادري جي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.01