ڪوهلو ۾ ايف سي جي ٽرڪ سان حادثو، چار اهلڪار شهيد، ايڪونجاهه زخمي

news

ڪوئيٽا: سومر 23 اپريل 2018ع: بلوچستان صوبي جي ضلعي ڪوهلو ۾ تمبو ڪراس ويجهو فرنٽيئر ڪور جي ٽرڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 51 زخمي ٿي پيا.

ليويز اختيارين موجب ڪوهلو ۾ تمبو ڪراس ويجهو ايف سي جي ٽرڪ سان حادثو پيش آيو، حادثي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 51 زخمي ٿي پيا. ليويز اختيارين موجب زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۽ ايف سي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ آهي ۽ زخمين کي هيليڪاپٽر جي مدد سان ڪوئيٽا منتقل ڪيو پيو وڃي.