ٻين شربتن جي ڀيٽ ۾ لسي ۽ ڏهي گرمي کان بچڻ لاءِ بهتر آهن: ماهر

news

 حيدرآباد: اڱارو 24 اپريل 2018ع: گرمين جي موسم شروع ٿيندي ئي ٿڌين شين ۽ شربتن جي وڪري ۽ استعمال ۾ اضافو ٿي ويو آهي. طبي ماهرن گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ ٿڌين شين جي استعمال کي صحت لاءِ بهتر قرار ڏنو آهي.

ناليواري طبي ماهر ڊاڪٽر ڏيارام مطابق ٻين سمورن ٿڌن مشروبات سان گڏ ڏهي ۽ لسي جي استعمال کي پنهنجي روزانو جي استعمال ۾ ضرورو شامل ڪيو وڃي. لسي ۽ ڏهي تي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي خبر پئي ته ڏهي پيٽ جي بيمارين ۽ معدي جي گرمائش کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي. ڏهي هڪ مڪمل غذا آهي جنهن کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڏهي ۾ ٿورو فريش ڪريم، مايونيز ۽ ڪجهه موسم جي آهر ميوات شامل ڪري فروٽ سلاد بڻائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ڪيلشم ۽ ڪاربو هائيڊرائيٽ جي مقدار سوائي ٿئي ٿي. ڏهي آساني سان هضم ٿيڻ واري غذا آهي جنهن ڪري نظامِ هضم کي درست رکندي آهي. ڏهي ڊائيٽنگ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ مڪمل غذا آهي. ڇو ته هن ۾ ڪيلوريز تمام گهٽ ٿئي ٿي.

هن چيو ته اڪثر عورتون گهرن ۾ ڏهي ڄمائينديون آهن، ان لاءِ مٽي جي پيالن ۾ اٻرندڙ کير کڻي ان ۾ پهريان کان تيار ٿيل ٿوڙي ڏهي ملائيندي ويندي آهي پوءِ ان کي ڪنهن ٿلهي ڪپڙي سان چڱي نموني ڍڪي رکبو آهي جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڏهي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.

ڊاڪٽر ڏيارام مطابق ڪجهه ماڻهون ڏهي کي واپرائڻ کان گهٻرائيندا آهن انهن جي خيال ۾ هن ۾ بيڪٽريا ٿيندا آهن جيڪي نقصان ڏيندا آهن. اهڙي سوچ رکڻ وارا حقيقت ۾ ڏهي جي فائدن کان واقف نه آهن. حقيقت ته اها آهي ته ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا عام نقصان ڏيندڙ بيڪٽريا کان مختلف ٿيندا آهن. ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا کير ۾ شامل ٿي جسم ۾ تيزي سان پکڙجندا آهن ۽ وڏي مقدار ۾ وٽامن بي پيدا ڪندا آهن.

ياد رهي ته وٽامن بي آنڊن جو نظام درست رکڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ٿيندي آهي. هن ٻڌايو ته ڏهي گرمي جي موسم ۾ ڪافي بيمارين جو علاج پڻ آهي.