محمد عامر کي برطانوي ويزا جاري ڪئي وئي

news

لاهور: اڱارو 24 اپريل 2018ع: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر کي برطانوي ويزا جاري ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ هو سڀاڻي روانو ٿيندو.

فاسٽ بالر محمد عامر ويزا ۾ دير سبب قومي ٽيم سان گڏ برطانيه نه وڃي سگهيو هو جڏهن ته ان جي ويزا جاري ٿي چڪي آهي جنهن کانپوءِ هو سڀاڻي لاهور کان برطانيه لاءِ روانو ٿيندو.

محمد عامر ڪنٽربري ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪنداسين جتي رانديگر پهريان کان موجود آهن، قومي ٽيم اڄ بگن جي ڏيهه ۾ پهرئين پريڪٽس سيشن جي شروعات ڪندي.

پاڪستان جي ٽيم آئرلينڊ خلاف واحد ٽيسٽ 11 مئي تي کيڏندي جڏهن ته انگلينڊ خلاف به ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز شيڊول آهي.