ڀٽ شاهه ۾ ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت

news

ڀٽ شاهه:اڱارو 24 اپريل 2018: ڀٽ شاهه ڀرسان رهندڙ ڪولهي برادري جي معصوم ٻار کي بخار هجڻ ڪري سندس وارثن علاج لاءِ عطائي ڊاڪٽر جي اسپتال پهتا، جتي عطائي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب ٽن سالن جو معصوم ٻار تڙپي تڙپي ماءُ جي هنج ۾ فوت ٿي ويو.

جڏهن ته ماءُ ٻار کي  فوت ڏسي اڀڏاريندڙ رڙيون ڪندي بيهوش ٿي پئي، جنهن بعد ڪولهي برادري جا ڪيترائي ماڻهو اسپتال پهتا ته عطائي ڊاڪٽر اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويو.

هوڏانهن فوتي معصوم ٻارڙي جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي معصوم ٻار کي معمولي بخار هو، جنهن جي علاج لاءِ اسان ڊاڪٽر محمد خان وٽ آياسين، جنهن غلط علاج ڪري اسان جي معصوم ٻار کي ماري وڌو آهي.

هنن چيوته عطائي ڊاڪٽر اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي. هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه جي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.01