تلهار ۾ مرزا گروپ جي اڳواڻن پاران سياسي سرگرميون تيز، مختلف ڳوٺن جا دورا

news

تلھار:اڱارو 24 اپريل 2018: چونڊون ويجھو ايندي ئي ذوالفقار مرزا گروپ اڳواڻن بدين ضلعي جي تڪ پي ايس 56 تلھار ۾ پنھنجيون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آھن، مرزا گروپ اڳواڻ تلھار تعلقي جي مختلف وارڊن ۽ علائقن ڳوٺن جا دورا ڪري مختلف برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقات ڪري حمايت حاصل ڪرڻ لڳا، جڏهن ته مختلف برادريون مرزا گروپ ۾ شموليت ڪري رهيون آهن.

هوڏانهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ويجھي ساٿي مير عبدالعزيز جمالي جي رھائشگاھ جمالي تي پڻ حمايتين ۽ ووٽرن جي اچ وڃ تيز ٿي وئي آھي. ذوالفقار مرزا گروپ تلھار جي اڳواڻن عدنان قادر عرف بادشاھ جمالي، مير لکي جمالي، عثمان دلواڻي ۽ ھاشم سمون جو چوڻ آھي ته تلھار سميت بدين ضلعي جي عوام ڪالھ به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان گڏ ھئي، اڄ به مرزا سان گڏ آھي، بدين ضلعو ذوالفقار مرزا جو ضلعو آھي ۽ مرزا بدين ضلعي جي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو، پ پ ھاڻي زرداري ليگ بڻجي چڪي آھي.

سنڌ لٽي رھي آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جي ووٽ جي طاقت سان زرداري ليگ جي اميدوارن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين.

هنن چيو ته جلد تلھار ۾ ھڪ زبردست عوامي جلسو ڪيو ويندو، جنھن کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خطاب ڪندو.01