ڄامشورو: اربع 25 اپريل 2018ع: جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي قومي جوش ۽ جذبي سان اڄ سن ۾ ملهائي پئي وڃي، مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن شهر ۽ انڊس هاءِ وي جي مختلف بس اسٽاپن کي جهنڊن، پينافليڪس ۽ بينرن سان سينگاري تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. جسقم ( بشير گروپ)، جسقم (آريسر گروپ)، جيئي سنڌ تحريڪ (سرڪي گروپ) سميت 4 پارٽين جي جلسن جا پنڊال تيار ٿي ويا آهن. سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد شروع ٿي وئي آهي.
سن انڊس هاءِ وي تي مختلف قومپرست پارٽين جا ڪارڪن جسقم چئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، جسقم(آريسر) جي قائم مقام صدر امير آزاد پهنور سرمد ميراڻي، جست جي قائم مقام صدر فتاح چنا جي اڳواڻي ۾ ريلين جي صورت ۾ مارچ ڪري سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهڻ بعد جلسن کي خطاب ڪندا. جسم (سهتو گروپ) چيئرمين صوفي حضور بخش ۽ علي نواز ٻٽ، جسم (رياض) جي چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاھ ڀاڏائي، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چيئرمين نواز خان زئنور، جست (ڪرناڻي گروپ) جي شبير جمالي ۽ سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري ويندي.
جڏهن ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان گذريل رات سائين جي ايم سيد جي درياءُ واري بنگلي کان سيد جي مزار تائين مشعل برادر ريلي سيد جلال محمود شاھ ۽ سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ۽ صوفي راڳ رنگ جي محفل پڻ ڪرائي وئي.
ٻئي پاسي جيئي سنڌ تحريڪ (ڪرناڻي گروپ) جي نائب صدر سورهيه سنڌي دعويٰ ڪئي آهي ته سندن پارٽي جي ميزباني ۾ سمورن قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري اتفاق ڪيو ويو آهي ته سڀئي انڊس هاءِ وي کان گڏجي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گڏيل طور قومي ترانو پڙهيو ويندو.
سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي تقريبن کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ ضلعي ڄامشورو پوليس طرفان ايس ايس پي پرويز عمراڻي جي اڳواڻي ۾ امن امان جي صورتحال تي فليگ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ رينجرس جي اٽالن سان گڏ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان وڏي انگ ۾ پوليس نفري طلب ڪئي وئي هئي.
فليگ مارچ دوارن شهر ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار جي گرائونڊ کي 2 ڪلاڪن تائين ڪڙو چاڙهيو ويو، جڏهن ته جيئي سنڌ جي ڪهاڙي وارن جهنڊن پينافليڪس ۽ بينرن کي پڻ لاٿو ويو هو. اچانڪ وڏي انگ ۾ رينجرس ۽ پوليس جي شهر ۾ گشت سبب شهر ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو.