ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم معيشت جي استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري آهي: محمد زبير

news

 ڪراچي: اربع 25 اپريل 2018ع: سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اعلان ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي سمورن ڪاروباري تنظيمن جي حمايت حاصل آهي، اسڪيم هر لحاظ کان معيشت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسئيشن ۽ ڪراچي ٽيڪس بار ايسوسئيشن جي اهتمام هيٺ ٽيڪس ريفارم پيڪيج جي عنوان تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته معيشت کي مستحڪم بنيادن تي آڻڻ لاءِ سخت فيصلا به ڪرڻا پون ٿا ۽ موجوده حڪومت جي 5 سالن وارا قدم ان ڳالهه جا شاهد آهن ته حڪومت معاشي ميدان ۾ ڪيترائي سخت فيصلا ڪيا آهن، ايندڙ حڪومت مضبوط معيشت ۽ امن امان ورثي ۾ ملندا. سنڌ جي گورنر چيو ته حڪومت جي بهترين حڪمت عملي سبب سال 2016ع کانپوءِ ڪراچي بند ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪا هڙتال ٿي آهي.

هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ واپاري برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ جي گورنر چيو ته ٽيڪس ايمنسٽي بابت ٿيندڙ پروپگنڊا ۾ ڪا سچائي نه آهي، هن اسڪيم جو واحد مقصد ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ آهي. هن چيو ته معيشت بهتر ڪرڻ سان گڏ عوام جي ڀلائي، حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.