انڊونيشيا: تيل جي کوهه ۾ باهه لڳڻ سبب ڏهه ڄڻا فوت

news

 جڪارتا: اربع 25 اپريل 2018ع: انڊونيشيا جي صوبي آچي ۾ تيل جي هڪ غيرقانوني کوهه ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق آچي جي ضلعي تيمر ۾ واقع هڪ غيرقانوني تيل جي کوهه ۾ باهه لڳي وئي، باهه کوهه ۾ لڳندڙ پائيپ جي ڊرلنگ دوران لڳي، اها باهه ڪجهه ئي دير اندر ڀرپاسي ۾ موجود ٽن گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.