سپريم ڪورٽ پاران ملڪ مان جعلي دوائن جي خاتمي جو حڪم

news

 اسلام آباد: اربع 25 اپريل 2018ع:  سپريم ڪورٽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي سڄي ملڪ مان جعلي دوائن جي خاتمي جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ جعلي دوائن بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي جعلي دوائن واري ڪيس جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

ان موقعي تي اٽارني جنرل ساجد الياس عدالت کي ٻڌايو ته جعلي دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽرين خلاف ڪيس ۾ چالان جمع ڪرايو ويو آهي، چالان مطابق فيڪٽري مالڪ چوڌري عثمان گناهگار هو، جنهن کي جوابدار جي مائٽ پوليس واري آزاد ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊپٽي چيئرمين نيب کي ڊريپ کي حراسان نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نيب جهڙي ريت ڪري رهي آهي، کيس ان جي اجازت نه ڏينداسين. عدالت ڊريپ کي سڄي ملڪ مان جعلي دوائن جي خاتمي جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ ايڪشن رپورٽ طلب ڪئي آهي.