پنڊي ڀٽيان ۾ بس ديوار سان ٽڪرائجي وئي، چار ڄڻا فوت

news

 جهنگ: اربع 25 اپريل 2018ع: پنڊي ڀٽيان ۾ بس ديوار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق پنڊي ڀٽيان ويجهو موٽر وي ايم ٽو ۾ مسافر بس موٽر وي جي وچ واري ديوار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پنڊي ڀٽيان جي اسپتال نيو ويو آهي، جتي فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي.