سائين جي ايم سيد جي ورسي: پوليس پنڊال پٽ ڪري ڇڏيا، صحافين کان ڪئميرائون ڦر

news

سن: اربع 25 اپريل 2018:سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي جي سلسلي ۾ مزار جي ايم سيد جي گرائونڊ تي جسقم آريسر گروپ جي لڳل پنڊال تي ڊي ايس پي آمري قادربخش خاصخيلي پوليس اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته ڪارڪنن طرفان مزاحمت ڪرڻ تي پوليس سندن مٿان مڇرجي پئي. ٻئي پاسي ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي صحافين کان ڪئميرائون کسي ڇڏيون ۽ ايڪو سائونڊ گاڏي سميت کڻي ويا، ڪئميرائن مان ڪارڊ ڪڍي ڇڏيا.

ان سلسلي ۾ سيد جلال محمود شاهه جي ڀاءِ ڊاڪٽر سيد ضياءِ شاهه، روشن علي ٻرڙو، جسقم بشير قريشي جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام مزار جي ايم سيد تي پهچي ٻيهر پنڊال لڳرايو. جنهن بعد ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جي ورسي توڙي سالگرهه هر سال پر امن نموني سان ملهائيندا آهيون، جتي جلسا ٿيندا آهن، اها زمين اسان جي پنهنجي آهي، اسان جي اجازت کانسواءِ پوليس چڙهائي ڪري اسان جي سن جو تقدس پائمال ڪيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، اهو اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

هوڏانهن ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻڙرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سن اسان جي لاءِ مقدس جاءِ آهي، جتي دنيا جي عظيم ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جنم ٿيو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي عدم تشدد واري راهه تي هلندي جدوجهد ڪئي، اڄ ان جي ورسي جي موقعي تي پوليس گردي ٿي آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ان مان پ پ جي جمهوريت ظاهر ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سن اسان جو سياسي ڪعبو آهي ۽ اهو رهندو.

ٻئي پاسي جسقم بشير قريشي گروپ جي مرڪزي اڳواڻ ديدارشام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سن اسان جي لاءِ ڪعبي جيان مقدس آهي، ان ۾ پوليس جي کليل دهشتگردي آهي، جو پنڊال تي چڙهائي ڪري سن واسين کي توڙي قومي ڪارڪنن کي هراسان ڪري سن کي قومي سياسي مرڪز ختم ڪرڻ واري سازش ڪئي آهي. اها سازش اسان ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. جسقم آريسر جي پنڊال کي ڊاهي پٽ ڪرڻ مان ظاهر آهي ته رياست سيد جي فڪر مان خوفزدهه آهي، اسين ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

ٻئي طرف جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته اڄ سن تي پوليس چڙهائي ڪري کليل دهشتگردي ڪئي آهي ۽ اسان جي قومي مرڪز سن تي پوليس چڙهائي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي سيد جي فڪر کان خوفزدهه ٿي ويا آهن. اسان کي سائين جي ايم سيد جو ڏهاڙو ملهائڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.

هن قسم جا هٿ ڪنڊارياست استعمال ڪري عدم تشدد واري سياست ڪندڙ کي مڇرائڻ جي حرڪت آهي. اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا. اسان هر حال ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي ملهائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سن تي چڙهائي ۾ رياست ادارا ۽ سنڌ حڪومت ملوث آهي.
سڌو سنئون رياست دهشتگردي تي لهي آئي آهي. جڏهن ته پيٽارو ٽول پلازا ۽ آمري پل تي پڻ سيد جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ قافلن کي روڪي انهن کي واپس ڪرڻ تان ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون ٿي پيون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏهن ته انهي باوجود ڪارڪنن جي سن اچڻ جو سلسلو جاري آهي.01