فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن، سرحد پار کان ايندڙ ٻه آپگهاتي بمبار گرفتار

news

 راولپنڊي: اربع 25 اپريل 2018ع: سيڪيورٽي فورسز فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن دوران سرحد پار کان ايندڙ ٻن آپگهاتي بمبارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

آءِ ايس پي آر مطابق سرائي نورنگ، ڪوٽڪا شاهه، گولي خان ۽ لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ نعمت الله ۽ صديق الله شامل آهن، جيڪي سرحد پار کان آيا.

آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن کي ڳجهن ادارن ٽريس ڪيو ۽ ان جي قبضي مان رابطن وارا اوزار ۽ آپگهاتي جيڪٽس پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.