اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو، هڪ سئو اڻويهه روپيا پنجاهه پئسا ٿي ويو

news

اسلام آباد: اربع 25 اپريل 2018ع: اسٽيٽ بينڪ پاران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ جي باوجود آمريڪي ڊالر جي وڏي اڏام نه رڪجي سگهي ۽ ڊالر 30 پئسا وڌيڪ مهانگي ٿي نئين سڀ کان مٿانهين سطح 119 روپيا 50 پئسا تي پهچي وئي.

اوپن مارڪيٽ ۾ مسلسل روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر مهانگو ٿيڻ تي مرڪزي بينڪ اختيارين ۽ ايڪسچينج ڪمپنيز جي عهديدارن جو گڏيل اجلاس به ٿيو.

ذريعن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي طلب وڌڻ سبب مرڪزي بينڪ اختيارين ضرورت پوڻ تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو جيڪو بي فائدي نظر اچي رهيو آهي.

فاريڪس ايسوسئيشن جي صدر ملڪ بوستان موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ 30 پئسا مهانگو ٿي ويو جنهن سان اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 119 روپيا 50 پئسا جي نئين سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو آهي.