مون کي عام ماڻهن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي: عبدالقادر جوڻيجو

news

ڳالهه ٻولهه: ڪليم ٻُٽ

خميس 03 مئي 2018ع:

حيدرآباد: سنڌي ٻولي جي عظيم ليکڪ ۽ ڊرامانگار عبدالقادر جوڻيجو چيو آهي ته ٻولي ۽ اسلوب ۾ فرق آهي، ٻولي جو دائرو وسيع ٿيندو آهي، مون وٽ پنهنجو منفرد اسلوب آهي مان ڪوشش ڪري اهو اسلوب استعمال ڪندو آهيان جيڪي عام ماڻهو ڳالهائيندا آهن.

پنهنجي نئين ناول بابت ڳالهائندي هن چيو ته رسٽڪ 1920 کان 1955 تائين جي سنڌ جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ٿرپارڪر کان جيڪب آباد تائين سموري سنڌ جي منظر نامي کي پيش ڪيو آهي. رسٽڪ ناول جا شروعاتي ٻه باب آن لائين رکيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته هي ناول سندس ٽرلاجي جو ٻيو ناول آهي، ان کان اڳ هو دي ڊيڊ ريور نالي هن ڪهاڻي جو پهريون حصو لکي چڪو آهي، جڏهن ته انهي سيريز جي ٽئين ناول تي پڻ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته هو عام ماڻهن سان ملي تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي ۽ جڏهن به ڳوٺ ويندو آهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ عام ماڻهن سان ڪچهرين ۾ ويهي رهندو آهي ۽ سندن تجربن مان کيس لکڻ لاءِ گهڻو مواد ملي ويندو آهي