حيدريم، قلندرم، مستم

news

 ميرپورخاص: (ليکڪ: ماهم سنڌي) ڇنڇر 05 مئي 2018ع: سنڌ جي صوفي ازم جي سونهن کي سرس ڪندڙ سيوهڻ شهر جو نالو ايندي ئي اسان جي ذهن جي ڊڪشنري ۾ هڪدم قلندر لال،  قلندر شهباز، لال سائين  جا نالا سرچ ٿي اچي ويندا آهن. سيوهڻ شهر سان سڄي سنڌ جي، پوري پاڪستان ۽ هندوستان جي وڏي عقيدت آهي. حضرت عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر هڪ وڏو صوفي ۽  ولي طور اسان جي دلين ۾ شامل آهي.

لال شهباز سان عقيدت صرف مسلمانن جي نه آهي، پر هندو مذهب وارا پڻ ان جا وڏا پوئلڳ آهن ۽ حاجت روائي لاءِ لال سائين جي درگاھ اندر حاضري ڀريندا آهن. قلندر لال جي ڪشش ۽ سندس ڌمال جو سڪتو اهڙو ته پانڌيئڙن تي اثر ڪري ٿو جو، هو انهيءَ ڌمال ۾ محو ٿي وجداني ڪيفيت ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندا آهن. سيوهڻ جي نگري ۾ جٿي اوهان کي غربت نظر ايندي اتي قلندر لال شهباز جي پانڌيئڙن جي رش انتهائي وڏي پيماني تي اکين جي لنگھ مان گذرندي. ڏينهن هجي يا رات، دما دم مست قلندر جون آوازون ۽ فقيرن جون ڌمالون جاري هونديون آهن.

قلندر لال جي جنم بابت چيو وڃي ٿو ته هو ايران جي علائقي مروند ۾ ڄائو، جيڪو مشهد شهر کان ويجهو آهي، جنهن جي سرحد افغانستان سان پڻ ملي ٿي. لال شهباز قلندر جو شجرو 13 پيڙهيون اڳ ڇهين امام جعفر صادق عليه السلام سان ملي ٿو. قلندر لال هميشه ڳاڙها ڪپڙا پائيندو جنهن ڪري مٿس نالو لال پيو. لال قلندر 1274ع ۾ هن دنيا تان رخصت ٿيا. قلندر لال مستي واري ڪيفيت ۾ اچي چوندو هو ته آئون حيدري آهيان. هو پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي تنهاپسند ۽ جبلن تي چڙهي وڃي رياضت ڪندو هو.

لال قلندر جڏهن 25 سالن جو هو ته ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي روضي تي ويو ۽ ڏھ سال اتي گذاريائين. ان کانپوءِ 35 سالن جي عمر ۾  پاڻ حج لاءِ سعودي عرب روانا ٿيا. مديني ۾ روضه رسول تي پاڻ عقيدت منجهان ٻهاري پوچو پڻ ڪندا هئا. شهباز قلندر جي ملتان ۾ دفن ٿيل حضرت بهاؤ الدين زڪريا ملتاني ۽ پاڪپتن ۾ مدفون حضرت فريد الدين شڪر گنج  سان ويجهڙائي هئي.

چون ٿا ته قلندر کان اڳ سيوهڻ ۾ هڪ فقير آيو هو جنهن جو نالو بودلو بهار هو. هو سيوهڻ جون گهٽيون صاف ڪندو هو ۽ چوندو  هو ته : "منهنجو پرين هن واٽ تان ايندو ۽ هن واٽ تان لنگهندو ". قلندر پڻ چيو هو ته جيسين تائين مون وٽ ايندڙ زائر بودلو بهار وٽ حاضري نٿا ڏين، تيسين آئون سندس آمد نه قبوليندس. لعل شهباز قلندر جو 766هون 3 ڏينهن وارو عرس هر دفعي جيان 18 شعبان ڇنڇر  5 مئي کان شروع ٿي ويو آهي. 

انگ اکرن موجب ميلي ۾ 15 کان 20 لک زائرين شرڪت ڪندا . ميلي جي پهرين  ڌمال بعد شام جو ملاکڙو ۽ رات جو سگهڙن جي ڪچهري رکيل آهي. ٻي ڏينهن جي ڌمال بعد ادبي ڪانفرنس ڪوٺايل آهي ، جنهن ۾  نالي وارا اديب پنهنجا مقالا پڙهندا  ۽ مشاعرو پڻ ٿيندو. ٽئين ۽ آخري ڏينهن جي ڌمال بعد شهباز آڊيٽوريم ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ فنڪار قلندر جون ڌمالون ۽ صوفي ڪلام ڳائي زائرين کي جهومڻ تي مجبور ڪندا.

حڪومت  ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته سال  ۾ هڪ دفعا لڳندڙ ميلي ۾ هر قسم جون گهرجون پوريون ڪري.  اھا  وڏي بدقسمتي هئي جو پيٽ سان بم ٻڌل هڪ شخص مزار جي احاطي اندر بنا ڪنهن روڪ ۽  سيڪيورٽي چيڪنگ جي داخل ٿي ويو ۽ پوئين سال 16 فيبروي تي شام جو لال شهباز جي درگاھ تي دهشتگردن بم ڌماڪو ڪيو هو، جنهن سبب ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا پر انهي ڊپ ۽ دهشت کي دلين مان مٽائڻ کي انسانيت جي پرچارڪ لاءِ سڄاڻ ڌرين اتي تقريب  ڪوٺائي هئي،  جنهن ۾ شيما ڪرماڻي جهومڻ لڳي ۽ دنيا کي ٻڌائڻ لڳي ته اسين دهشتگردن جي ڊپ کان پنهنجو درگاھون ۽ صوفي ازم جو پرچار ڪرڻ نه ڇڏينداسين. 

اسان ڄاڻون ٿا ته سنڌ اندر انتهاپسندي وڌي رهي آهي ۽ انتهاپسند صوفين ۽ ولين کي هرگز برادشت ناهن ڪندا، تنهنڪري هو اهڙين جڳهين کي نشانو بڻائيندا آهن، جٿي هندو،  مسلمان ۽ سک عيسائي جو فرق مٽجي ويندو آهي نه صرف ميلي دوران پر اها صوبائي حڪومت جي هر ڏينهن جي ذميواري آهي ته هو قلندر لال شهباز جي مزار جي سيڪيورٽي هر وقت هاءِ الرٽ رکي، اتي اسپتالون ۽ ايمرجنسي جو حادثي وارو شعبو قائم ڪري وڏا سرجن ۽ فزيشن ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا وڃن، جيڪي بر وقت ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل هجن.