عرس چانڊيو: هڪ سريلي راڳي جو وڇوڙو

news

ليکڪ:ڪليم ٻُٽ:سومر 07 مئي 2018: سنڌ ڌرتي ٻين شعبن سان گڏ موسيقي جي ميدان ۾ به زرخيز رهي آهي، ان جي سيني تي ڀڳت ڪنور رام، ماستر چندر، جيجي عابده پروين، جيجي زرينا بلوچ، فوزيا سومرو، سرمد سنڌي ۽ ٻيا به ڪيترائي انمول راڳي پنهنجي سريلي آواز سان ماڻهن جي دل کٽيندا رهيا آهن.

اهڙن فنڪارن جي فهرست ۾ هڪ نالو محمد عرس چانڊيو جو به آهي، جنهن پنهنجي سريلي آواز ۽ نرالي انداز سان لکين ماڻهن کي موهي وڌو. عرس چانڊيو جو جنم ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي وارهه جي ڳوٺ ميرپور ۾ 1970ع ۾ عرض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو، هو پنجن ڀائرن مان چوٿين نمبر تي هو. هن شروعاتي تعليم سندس ڳوٺ مان ورتي.

عرس چانڊيو کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو ۽ ان شوق کي سامهون رکندي سندس مامي استاد پنهل خان چانڊيو سندس شروعاتي تربيت ڪئي. عرس چانڊيو جڏهن 20 سالن جي ڄمار جو ٿيو ته باقائدا موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکيائين، موسيقي جي دنيا ۾ عرس چانڊيو سنڌ جي مشهور راڳي استاد جلال چانڊيو کان ڏاڍو متاثر هو ۽ اهو ئي انداز پنهنجايائين، جنهن کانپوءِ استاد جلال چانڊيو جي شاگردي ۾ اچي ويو ۽ استاد جلال چانڊيو کيس روايت موجب ڳانو ٻڌيو ۽ سال 1992ع ۾ پهريون ڀيرو استاد جلال چانڊيو سان گڏ ئي پرفارم ڪيو.

عرس چانڊيو سنڌ ڌرتي جي ڪيترن ئي مشهور شاعرن جو ڪلام ڳايو، جن ۾ استاد بخاري، سرويچ انور چانڊيو، زمان خاصخيلي، علي حسن ٻٻر ۽ ٻيا شامل آهن. عرس چانڊيو جي ڪجهه مشهور گانن مان جاءَ نه ڏنئي جانب کي بيقدرا وغيره شامل آهن. عرس چانڊيو سيلاني قسم جو راڳي هو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪر  ٺٺو، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ رهيو. جڏهن ته هن عالمي سطح دبئي، سعودي عرب، دوها ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

عرس چانڊيو ٻه شاديون ڪيون، هڪ پنهنجي مائٽن مان جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ 4 نياڻين جو اولاد ٿيو، جڏهن ته ٻي شادي پسند جي لاهور مان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد هو. هو وڏي عرصي کان ليور ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ کيس سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي جي نيشنل هسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي اڄ 07 مئي 2018 سندس طبعيت ويتر خراب ٿي وئي ۽ 48 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.