تخليقي صلاحيتن جا مالڪ ذهني مرضن ۾ وڌيڪ مبتلا هوندا آهن: تحقيق

news

لنڊن: اربع 16 مٸي 2018ع: دنيا کي هڪ الڳ زاوئي سان ڏسندڙ شاعر، مصور ۽ نون نون تخليقي شاهڪارن جا موجد اڪثر دماغي مرض شيزوفينيا ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.

ڪنهن اڇوتي خيال کي شعر جي رعنائي ڏيندڙ، ڪنهن رنگين منظر کي ڪينواس تي وکيريندڙ يا ڪنهن ٻول کي سريلي سُرن ۾ سجائڻ وارا تخليق ڪار ڪنهن به معاشري جو حساس ذهن هوندا آهن.

اهي اهو سوچيندا آهن جيڪو اڇوتو هوندو آهي ۽ اهي اهو ڏسي وٺندا آهن جيڪو عام ماڻهو سمجهي به نه ٿا سگهن.

سائنسي رسالي برٽش جرنل اف سائيڪيٽري ۾ شايع ٿيندڙ هڪ سائنسي مطالعي اهڙن ذهين و فطين ۽ سماجي لاءِ قابل فخر قرار ڏنل ماڻهن جي دماغي مرض شيزوفروينيا ۾ مبتلا هجڻ جي امڪانن جو انڪشاف ڪيو آهي.

ان جو بنيادي سبب تخليق ڪارن جو حساس هجڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچڻ کان علاوه سماج جي روين تي ڪڙهندو رهڻ آهي.