اٽڪ ڀرسان وين ڪلٽي، پنج ڄڻا فوت، ڇهه زخمي

news

 اٽڪ: خميس 17 مئي 2018ع: اسلام آباد کان بٽگرام ويندڙ ٽيوٽا هاءِ ايس وين برهان انٽرچينج ويجهو ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق اسلام آباد کان بٽگرام ويندڙ وين برهان انٽرچينج ويجهو ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي حسن ابدال اسپتال نيو ويو آهي. حادثو ٽائر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو.