آواران ۾ گندو پاڻي واپرائڻ سبب ٻه ڄڻا فوت، پنجاهه کان وڌيڪ بيمار

news

 آواران: خميس 17 مئي 2018ع:  بلوچستان جي شهر آواران ۾ کڏ جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ بستري ڀيڙو ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق آواران جي علائقي ٽرانچ ۾ پاڻي کوٽ سبب رهواسين کڏ ۾ جمع ٿيل پاڻي واپرايو. جنهن دوران 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

متاثرن کي سول اسپتال لسٻيلا ۽ حب سميت مختلف نجي اسپتال ڏانهن نيو ويو آهي، جڏهن ته 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو واقعي جو نوٽيس وٺندي متاثر ماڻهن جي بهتر علاج جون هدايتون ڏنيون آهن.