معمولي مفادن خاطر ملڪ ۽ مسلمان امت جي عظيم مقصدن کي داءُ تي نه لڳايو وڃي: ممنون حسين

news

 اسلام آباد: خميس 17 مئي 2018ع:  صدر ممنون حسين رمضان المبارڪ جي بابرڪت ڪيفيتن مان فائدو کڻي معاشري ۾ اعتماد، رواداري ۽ منصفاڻي طرزعمل کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مبارڪ مهينو امن، سلامتي، محبت، ڀائيچاري ۽ ڏکويل انسانن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ معاشري ۾ انصاف جي فروغ ۽ ماڻهن سان هڪ جهڙو طرزعمل اختيار ڪرڻ جي تربيت جا بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو. هن اها ڳالهه رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي.

صدر نيڪين جي بهار جي موسم يعني رمضان المبارڪ مهيني جي اچڻ تي سڄي دنيا جي مسلمانن، خاص طور تي پاڪستاني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي هر عبادت انسان جي تربيت جو ذريعو بڻجي ٿي پر روزو هڪ اهڙي عبادت آهي جيڪا ڪنهن نمائش کانسواءِ انسان جي روحاني سُڪُون، الله جي رضا ۽ خوشنودي جو بهترين ذريعو بڻجي ٿو. هن چيو ته هن مبارڪ مهيني ۾ بک ۽ اڃ ذريعي انسان کي جتي غريبن، لاچار طبقن جي مسئلن جو احساس ڏيارڻ آهي، اتي ان جو هڪ مقصد اهو به آهي ته معاشي ۽ غيرمعاشي، هر سطح تي انصاف کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ توازن پيدا ڪري بگاڙ جو هر رستو بند ڪيو وڃي ڇو ته انصاف جي معاملن ۾ جيڪڏهن پسند ۽ ناپسند جو رويو رکيو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ معاشرو انتشار جي ور چڙهي وڃي ٿو. صدر چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته خير ۽ برڪت جي هن مبارڪ مهيني جي بابرڪت ڪيفيتن مان فائدو کڻي معاشري ۾ اعتماد، رواداري ۽ منصفاڻي طرزعمل کي هٿي ڏني وڃي.

هن چيو ته معمولي گروهي ۽ ذاتي مفادن خاطر ملڪ ۽ مسلمان امت جي عظيم مقصدن کي داءُ تي نه لڳايو وڃي ۽ روزي جهڙي عظيم روحاني عبادت ذريعي پيدا ٿيندڙ شاندار ڪيفيتون پنهنجي ذاتي زندگي تي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ قومي زندگي تي پڻ لاڳو ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ کي امن ۽ سڪون گهوارو بڻائي ترقي ۽ استحڪام جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي. هن چيو ته هي مبارڪ مهينو جسماني عبادت سان گڏوگڏ ايثار ۽ قرباني جو مطالبو به ڪري ٿو ۽ اهل اسلام الله تعاليٰ جي ان خواهش کي سچي دل سان تسليم ڪندي لاچار ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي لاءِ مثالي ايثار جو مظاهرو ڪن ٿا.

صدر ممنون حسين اميد ظاهر ڪئي ته اهل اسلام پنهنجي زڪوات ۽ صدقن ۽ خيرات جي ورڇ جي وقت پنهنجي هم وطنن کانسواءِ سڄي دنيا جي مظلومن کي پڻ ياد رکن جيڪي بدامني، جنگين ۽ رتوڇاڻ جو شڪار ٿي ڪيترن ئي ڏکين مسئلن ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هن دعا ڪئي ته هي مبارڪ مهينو اسان جي ذاتي زندگي ۾ بهتري پيدا ڪرڻ کانسواءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ محبت ۽ رواداري جي فروغ جو ذريعو بڻجي.