سڪرنڊ ڀرسان شهباز مائنر مان ناريءَ جو هڪ هفتو پراڻو لاش هٿ

news

 سڪرنڊ: خميس 17 مئي 2018ع:  سڪرنڊ لڳ شهباز مائينر مان لڳ ڀڳ 24 ورهين جي اڻڄاتل نوجوان ناريءَ جو لاش هٿ آيو آهي.

لاش کي شاخ ۾ وهنجندڙ نوجوانن ترندو ڏسي مقامي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن فوري پهچي ٽائون ڪاميٽي جي سينيٽري عملي جي مدد سان لاش ٻاهر ڪڍي تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو، جتي ڊاڪٽرن ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ سڃاڻپ لاءِ رکي ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽرن موجب لاش هفتو پراڻو آهي، جيڪو ڪافي ڳري چڪو آهي ۽ سڃاڻپ جهڙو پڻ ناهي صرف مخصوص عضون مان عورت جي شناخت ٿي سگهي آهي. هوڏانهن اهو پڻ امڪان آهي ته لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويندو.