نوشهرا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي آپگهاتي حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، چوڏهن زخمي

news

 نوشهرا: خميس 17 مئي 2018ع:  نوشهرا ۾ ڪچهري چوڪ وٽ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن.

ڊي پي او نوشهرا نديم بخاري مطابق هڪ آپگهاتي حملي آور فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو، ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين مان 12 ڄڻن کي سي ايم ايڇ ۽ ٻن ڄڻن کي ڊي ايڇ ڪيو نيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت جي ترجمان شوڪت يوسفزئي مطابق آپگهاتي حملي آور اسڪوٽر تي سوار هو.