ڄامشورو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

news

 ڄامشورو: خميس 17 مئي 2018ع:  ڳوٺ يوسف کوسو ۾ اڻڄاتل جوابدارن نوجوان لعل خان ڏاهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ يوسف کوسو ۾ اڻڄاتل جوابدارن نوجوان لعل خان ڏاهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع بعد ايس ايڇ او ڄامشورو نياز پنهور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي لياقت ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪرايو.

ايس ايڇ او ڄامشورو نياز پنهور موجب  قتل جو ڪارڻ ذاتي دشمني ٿي سگهي  ٿي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.