پراسرار جاپاني گُڏي جنهن جي مٿي مان انساني وار ڦٽن ٿا

news

ٽوڪيو: خميس 17 مٸي 2018ع: جاپان ۾ هڪ گڏي اوڪائيڪو جا چرچا آهن جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان جا وار انسانن جيان وڌندا آهن.

اوڪائيڪو جو هڪ ٻيو نالو آهي جنهن کي هوڪائيڊو جي جنائت واري گڏي به چيو ويندو آهي، هن وقت ايواما زيما نالي مندر ۾ موجود ان گڏي جي باري ۾ مبينا طور تي چيو ويندو آهي ته ان ۾ ڪنهن نينگري جو روح اچي چڪو آهي جنهن جو ثبوت ان جا وڌندڙ وار آهن.

قديم ڪهاڻين موجب اها مشهور جاپاني روايتي گڏي 1918ع ۾ هوڪائيڊو جي رهواسي، 17 ورهين جي نينگر آئيڪيچي سوزوڪي پنهنجي ننڍي ڀيڻ لاءِ خريد ڪئي هئي. ان ٽن ورهين جي نينگري جو نالو ڪائيڪوڪو ٻڌايو ويندو آهي جنهن کي ان گُڏي سان تمام گهڻي محبت هئي. ڪائيڪوڪو کي ٿڌ جي بيماري ٿي ۽ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.

جنهن کانپوءِ ڪهاڻي جو خوفناڪ موڙ شروع ٿي ويو. نينگري جي گهروارن گُڏي هڪ مندر جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان کي اوڪائيڪو جو نالو ڏنو ويو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گُڏي جا وار مخصوص انداز ۾ وڌڻ لڳا جنهن مان ظاهر ٿيندو هو ته شايد ان ۾ ڪائيڪوڪو جو روح اچي ويو آهي.

پوءِ 1938ع ۾ نينگري جي وارثن گُڏي کي هڪ ٻئي مندر جي حوالي ڪريڇ ڏيو ۽ ان سان لاڳاپيل راز به بيان ڪيا ويا.

هاڻ گذريل 80 سالن کان اها گُڏي اتي موجود آهي، پوري جاپان مان ماڻهو ان گُڏي کي ڏسڻ ايندا آهن پر ڪنهن کي به ان جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت ناهي.