نوابشاهه ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٻارڙي فوت

news

 نوابشاهه: خميس 17 مئي 2018ع:  نوابشاھ ڀرسان تاج ڪالوني ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل تان سلپ ٿي هيٺ ڪرڻ سبب 5 ورهين جي نياڻي جويريا ڌيءُ بهاول لغاري مٿان ٽرڪ چڙهي وئي، نتيجي ۾ نينگري چيڀاٽجي فوت ٿي وئي.

اي سيڪشن پوليس ٽرڪ ڊرائيور عارف رند کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.